اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي مخت??ف وزارتن ۽ کاتن پا??ان عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل مختلف قدمن جي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئ?? وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان سمورن وزيرن، صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن کي هدايت ڪئ?? آهي ته عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ??وا?? قدم تجويز ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪيترائي معاملا اهڙا آهن جن تي ڪو خرچ ڪرڻ کانسواءِ رڳو انتظامي قدمن سان عوام کي سهولت پهچائي سگهجي ٿي. رپورٽ ۾ مخت??ف وزارتن ۽ کاتن پا??ان عوامي ڀلائي جي حوالي سان هيستائين 64 نون قدمن جي نشاندهي ڪئ?? وئي آهي.