اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪ??مت?? پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي عملدرآمد جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان هڪ سادي تقريب ۾ وفاقي حڪ??مت?? پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي عملدرآمد جي لاءِ صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وز??راعظم جو صحت وارو خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پنجاب جي صحت واري وز??ر ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. مفاهمت جي ياداشت تي نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري سيڪريٽري عامر اشرف خواجه، پنجاب هيلٿ انيشيٽوز مئنيجمينٽ ڪمپني جي سي اي او علي رزاق ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي چيئرمين شعيب جاويد حسين صحيحون ڪيون. وز??راعظم عمران خان 13 ڊسمبر 2021ع تي لاهور ۾ پنجاب جي سمورن شهرين جي لاءِ صحت سهولت پروگرام جو اعلان ڪيو هو. سوشل هيلٿ پروٽيڪشن جي ان قدم جي ذريعي غريب خاندانن کي سڄي ملڪ ۾ مخصوص اسپتالن کان هر سال 10 لک رپيا في خاندان عل??ج جي لاءِ مفت هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي. صحت ڪارڊ جي ذريعي اوپن هارٽ سرجري، اسٽنٽس لڳرائن، ڪينسر، نيورو سرجري، برين مئنيجمينٽ، حادثن، ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت، ڊليوري، سي سيڪشن ۽ گڙدي جي پيوندڪاري سان گڏ ٻئي طبي سرجيڪل عل??ج جي سهولت حاصل هوندي. سڄي ملڪ ۾ فهرست ۾ شامل ڪنهن به اسپتال مان مفت عل??ج جي لاءِ بين الصوبائي ۽ بين الاضلاعي جي سطح تي سهولت حاصل هوندي.