پيرس- 22 ڊسمبر (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪست??ن جي سفير عاصم افتخار احمد پيرس ۾ پاڪستاني سف??رتخ??ني ۾ ڪرسمس ڊ??ر جو اهتمام ڪيو. سف??رتخ??ني پار??ن جاري ٽوئيٽ موجب آجياڻي ۾ مشهور فرانسيسي شخصيتن ۽ سندن ڪٽنبن، پاڪست??ني مسيحي برادري، سف??رتڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سفير عاصم افتخار احمد مسيحي برادر?? کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڪيڪ به ڪٽيو ويو ۽ مهمانن کي روايتي پاڪست??ني کاڌا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته تقريب ۾ شريڪ ٻارن ۾ تحفا به ورهايا ويا.