اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابط?? ڪميٽي (اي سي سي) ايف بي آر جي تجويز تي ايف بي آر ريفنڊ سيٽلي??ين?? ڪمپني لميٽيڊ تحت جاري ڪيل 30 ارب رپين جي بانڊز جي عيوض ايتري ئي رقم جي ٽيڪنيڪل ضمني گرانٽ جي ادائيگي ۽ چيڪن جي صورت ۾ سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪرڻ سم??ت ملڪ ۾ تيل جي ڳولا ۽ پيداوار وڌائڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ، ڪاروباري سهولتن کي بهتر بڻائڻ، ٻين ضمني معاملن بابت 18 ملڪي قانونن ۽ ان سان واڳيل اٽڪل 25 قانوني مرحلن کي آسان ۽ سادو بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابط?? ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.