اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) 2008ع کان 2018ع دوران ميثاق ڪرپشن جي ذريعي ملڪ جي خزاني کي بي دردي سان لٽي پنهنجا خزانا ڀريا ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجون جائيدادون ٺاهيون، 22 ڪ??وڙ عوام کي پهريون ڀيرو عمران خان جي صورت ۾ هڪ ديانتدار ۽ ايماندار وزيراعظم مليو جيڪو هر ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پهرين 15 مهينن ۾ معاشي طور تي ڏيو??لو نڪتل ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاري معاشي استحڪام جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، 2020ع م??اشي ٽيڪ آف جو سال آهي، ان سال عام ماڻهو کي حڪومتي سڌارن ۽ پاليسين جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، هو ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقر??ب کي خطاب ڪري رهيو هو