راولپنڊي ??? 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي متوازن حڪمت عملي سان ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ مدد ملي آهي جڏهن ته ملڪي معيشت جي ڪجهه اهم شعبن کي کولڻ سان ??اڻهن کي روزگار جا موقعا به ملندا، عوام موجوده چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊسپلين جو مظاهرو ڪري ۽ حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، اسان جي قوم ماضي وانگر هن آزمائش مان سر??رو ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي راشن ورهائڻ و??ري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عون عباس پڻ ان ??وقعي تي موجود هئا. صدر غريب ۽ پ??ره??ت طبقي جي لاءِ رمضان رليف پئڪيج جو اهتمام ڪرڻ تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته نيڪ ڪمن جي تشهير سان ??اڻهن ۾ اميد پيدا ٿئي ٿي ۽ انهن کي خبر پوي ٿي ته انهن جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي.