گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات
اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته پاڪستان نئين برطانوي حڪومت سان گڏيل رابطن جي فروغ ۽ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو سان ملاقات جي دوران چئي.